ڄام علي شير سمو

ڄام علي شير سمو (1406-1412ع): ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ڄام نظام الدين اول جي وفات کان پوءِ ٺٽي ۾ سخت بدامني پکڙجي وئي، آخرڪار اميرن جي فيصلي مطابق ڄام علي شير کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. هيءُ هن خاندان جو اٺون حڪمران هو. ڄام علي شير سنڌ جو تخت سنڀاليندي ملڪ ۾ پيدا ٿيل افراتفريءَ کي ختم ڪري امن امان قائم ڪرايو. هن خلق سان انصاف ۽ احسان سان پيش اچي، اڳين حڪمرانن جي ڪمزورين جو ازالو ڪيو. هيءُ نهايت داناءُ ۽ دلير انسان هو. هن واپار وغيره جو جوڳو انتظام رکيو. سندس حڪومت جي دؤر ۾ پوري ملڪ اندر امن امان قائم رهيو ۽ رعيت تمام خوشحال هئي. آخر ۾ ڄام علي شير سير سفر ۽ شڪار جو شوقين ٿي پيو، هڪ رات درياهه جي سير تان واپس اچي رهيو هو، تڏهن حويليءَ جي دروازي تي باغي سمن سردارن هٿان شهيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو